شبيران چنا

شبيران چنا

چنا شبيران

چنا، شبيران: سنڌ جي مشهور اداڪارا شبيران چنا، 15 جنوري 1958ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿي. سندس پيءَ جو نالو شاهنواز چنو آهي. هن جي تعليم انٽر آهي، جيڪا لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪيائين. هيءَ 32 سال پرائمري استاد رهي، جنهن ۾ ٽي سال لاڙڪاڻي ۾ ۽ 29 سال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين. فن جي دنيا ۾ 1987ع ۾ آئي. سندس پهريون سولو پلي ’ڇوڏو‘ هو، جنهن جو پروڊيوسر بيدل مسرور هو. هن لڳ ڀڳ 500 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس مشهور ڊرامن ۾: ’سوال‘، ’ڪونج‘، ’ڳاڙهي‘، ’زنجيرون‘، ’پٿر دنيا‘، ’نصيب‘، ’رواج‘، ’قسمت‘، ’روڳ‘ ۽ ٻيا شامل آهن. سندس اداڪاريءَ جو انداز بلڪل منفرد آهي. ڪردار جي ادائگيءَ دوران هيءَ ان ۾ ايتري ته ٻڏي ويندي آهي، جو ڪٿي به مصنوعيت جو گمان نه ٿيندو آهي. کيس ڪردار ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ جو ڀرپور ڏانءُ آهي. پوريءَ سنڌ ۾ سندس اداڪاريءَ کي پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ ماڻهو کيس اصل نالي بجاءِ ڊرامي واري نالي سان ياد ڪن ٿا. جيئن ’خيران‘، ’مرادان‘ وغيره. سندس ڪافي ڊائيلاگ به مشهور آهن. جيئن: ”خيران جي سر جو خير هجي“ وغيره. شبيران چنا ڪافي فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي، جن ۾: ’سنڌو ڪناري‘، ’پوتي ۽ پڳ‘، ’نصيب‘، ’خيران ڌاڙيل‘، ’خيران جو بدلو‘ ۽ ٻيون شامل آهن. هن 2005ع ۾ عمري جي سعادت به حاصل ڪئي آهي. سندس مڙس جو نالو محمد حسين آهي، جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. کيس اولاد ۾ پنج نياڻيون: عاليه چنا، ناديه حسين، ساديه حسين، شازيه حسين ۽ تانيه حسين آهن. عاليه چنا پڻ ٽي. وي جي مشهور ۽ ناليواري اداڪار آهي، جيڪا ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. شبيران چنا کي ٽي پٽ: ’نويد حسين، سجاد حسين ۽ جواد حسين‘ آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.15  عيسوي

سنڌ جي مشهور اداڪارا شبيران چنا، 15 جنوري 1958ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرويز مشرف
خوارزمي محمد بن موسيٰ
ريلائي سيد عبدالغفار حڪيم
ٺٽوي سيد احمد
ارباب الهجڙيو
محمد خان جروار
رئيس محمد اسحاق خان گبول
پيرزادو مولوي محمد معاذ
ابڙو محمد سليمان سليم
سيد نظر حسين شاه نقوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون